محمد هاشم سومرو

محمد هاشم سومرو : نامور عالمِ دين علامه مولانا محمد هاشم سومري، 1843ع ڌاري شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم، استاد العلماءِ مولانا نور محمد جي مدرسي ۾ ورتي ۽ وڌيڪ تعليم ان مدرسي مان ئي حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو بعد ۾ شهدادڪوٽ جي ويجهو ڳوٺ ڀرمي ۾ ديني مدرسو کولي اتي ئي پڙهائڻ لڳو. سندس مدرسي مان ڪيترائي عالم فيضياب ٿي نڪتا. مولانا محمد هاشم، حضرت مولانا ميان تاج محمد ڪٽبار شريف واري کان بيعت ورتي. پاڻ نماز روزي جو پابند ۽ صوفياءَ ڪرام جي عزت ڪندڙ هو ۽ اڪثر صالحن جي صحبت ۾ رهندو هو. ڳوٺ ڀرمي جي مدرسي ۾ پڙهائڻ دوران کيس مولانا ميان تاج محمد، پنهنجي فرزند ميان گل حسن جي پڙهائڻ لاءِ پنهنجي ڳوٺ ڪٽبار (قلات، بلوچستان) ۾ وٺي ويو ۽ اتي هن ميان گل حسن کي تعليم ڏني ۽ ان جي دستاربندي ڪئي. ان بعد ڪيترا سال رئيساڻين جي جاگير محرم شهر ۾ قاضي ٿي رهيو ۽ بعد ۾ پاڻ ڳڙهي ياسين ۾ اچي مدرسو کوليائين، جنهن ۾ پري پري جا طالب العلم، لاڙ، بلوچستان ۽ افعانستان مان اچي فيضياب ٿيا. مولانا نهايت ئي شفيق طبيعت ۽ درويش صفت انسان هو. مولانا جي شاگردن مان ڪيترائي عالم ۽ فاضل ٿيا. مولانا صاحب ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيا، پر سندن تصنيفون اڪثر ضايع ٿي ويون. کيس شعر چوڻ ۾ چڱي دسترس هئي، ڪيتريون ئي تاريخون سندس نظم ۾ چيل آهن. مولانا محمد هاشم 28 ڊسمبر 1904ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.12.28  عيسوي

علامه مولانا محمد هاشم سومري، 1843ع ڌاري شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. 28 ڊسمبر 1904ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سلطان احمد سلطان
عبدالقادر نصرپوري
احتشام الحق ٿانوي مولانا
ڇٽو آخوند
ترمذي
عبدالحق لنڊ مولوي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
حاجاڻو محمد يعقوب مولانا
احمد خان جمالي مولانا
خادم هرومل سدارنگاڻي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون